پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان لڳ وڏي ڀا هٿان پائو هڻي زخمي ڪيل ننڍو ڀا فوت، مظاهرو

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان لڳ 4 ڏينهن اڳ معمولي ڳالهه تان وڏي ڀا کٽ جو پائو هڻي ننڍي ڀا کي زخمي ڪري ڇڏيو هو جيڪو ڪالهه فوت ٿي ويو آهي، خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي ويجهو سعيدپور يونين ڪائونسل ۾ معمولي ڳالھه تان وڏي ڀاءُ عاشق سولنگي پنهنجي ننڍي ڀاءُ فدا سولنگي تي حملو ڪري کيس کٽ جي پائي سان مٿي ۾ ڌڪ هنيو، جنهن ۾ ننڍو ڀاءُ مرڻينگ ٿي زمين تي ڪري پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سندس مائٽن سول اسپتال حيدرآباد داخل ڪرايو. جيڪو 4 ڏينهن بعد فوت ٿي ويو آهي، فوتي جي لاش کي سندس ڳوٺ آڻي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، پوليس علي اڪبر سولنگي جي فرياد تي عاشق سولنگي تي قتل ڪرڻ ۽ منان مغل تي چرچ ڪرڻ جي الزام تحت ڪيس داخل ڪرايو آهي.

پوليس عاشق سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو. منان مغل گرفتار ٿي نه سگهيو، منان مغل جي وارثن غضفرين، روبينه ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو تعلقا پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ٻن ڀائرن جي جهيڙي ۾ هڪ ڀاءُ جي فوت ٿيڻ تي پوليس مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد منان مغل تي ڀڇ ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جيڪو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ انصاف نه مليو ته اسان پنهنجو پاڻ کي باھه ڏيئي ساڙينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button