پاڪستانسنڌ

ڪوئلي جي کاڻ ۾ برساتي پاڻي سبب ٻڏي فوت ٿيل 8 پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا

ٺٽو: ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جهمپير ويجهو ميٽينگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪوئلي جي کاڻ ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ ڪري ٻڏي فوت ٿيل 8 پورھيتن جا لاش 40 ڪلاڪن بعد ڪڍيا ويا، لاش جھرڪ اسپتال منتقل ڪيا ويا، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي ٺٽو جھرڪ اسپتال پھتا، ضروري ڪاررواين بعد لاش واپس کاڻ واري ھنڌ آڻي ڪفن ۽ غسل بعد جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان، ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جھمپير ڀرسان ميٽنگ ريلوي اسٽيشن لڳ ڪوئلي جي کاڻ ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ سبب 9 پورھيت دٻجي ويا ھئا، جن مان 8 ڄڻن جا لاش 40 ڪلاڪ بعد ڪڍيا ويا آهن. جن جي سڃاڻپ 35 ورهين جي جان ولي محمد، 20 ورهين جي محمد ابوبڪر، 35 ورهين جي ميان شير، 20 ورهين جي سجاد، 20 ورهين جي عطا اللہ، 48 ورهين جي پرويز، 23 ورهين جي محمد عظيم ۽ 38 ورهين جي گل چمن طور ٿي آھي، جيڪي سوات جا رھواسي آھن.

لاش ڪڍڻ بعد جھرڪ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ويو، جنھن بعد ضروري ڪارروائي بعد لاش واپسي ساڳئي کاڻ واري ھنڌ آندا ويا، جتي غسل ۽ ڪفن بعد جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري سميت ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن ۽ علائقي واسين پڻ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد لاش ايمبولينسن ذريعي ڳوٺن ڏانهن روانا ڪيا ويا، جڏھن ته 12 ورهين جي ٻارڙي محمد عمر خان جو لاش اڃا ھٿ اچي نه سگھيو آھي، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button