اسلام آبادپاڪستان

مهانگائي چئن سالن کان هلي پئي،دعا ڪريو ته تيل سستو ٿئي:شهباز شريف

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ گرين ۽ بليو لائنز نئين بس سروس جو افتتاح ڪندي هڪ مهيني تائين مفت سروس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته دعا ڪريو ته عالمي سطح تي تيل ۽ گئس جا اگهه گهٽ ٿين ته جيئن عوام کي مهانگائي کان ڪجهه رليف ملي. اميد آهي ته پيٽرول جون قيمتون گهٽجڻ سان عوام کي ڪجهه رليف ملندو. ڪالهه گرين ۽ بليو لائن بس سروس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خوشي آهي جو اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا ماڻهو سفري سهولت مان فائدو وٺڻ وارا آهن. گرين لائن ۽ بليو لائن ۾ عوام هڪ مهيني تائين مفت سفر ڪندو، منصوبي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جا ٿورائتا آهيون. چار سال دير ٿئي قوم جواب گهري ٿي. چيئرمين سي ڊي اي کي ماضي جي دير ۽ ڪوتاهين جو ازالو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو هن منصوبي مان فائدو وٺندا، ماضي جي دير جي ازالي لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪريون. سمورا ادارا انسانيت جي خدمت لاءِ محنت ڪن. شهبازشريف چيو ته الله جو ڪرم آهي جو عالمي سطح تي تيل اسمن جون قيمتون ڪجهه گهٽ ٿيون آهن، ٻي صورت ۾ عالمي سطح تي انهن قيمتن جي ڪري لکين، ڪروڙين ماڻهو پريشان هئا. تيل ۽ گئس جي وڌندڙ قيمتن دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڳاٽي ڀڳي مهانگائي گذريل چئن سالن کان جاري آهي، عام ماڻهو پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ٿو. اسان کي دعا ڪرڻ گهرجي ته عالمي سطح تي تيل ۽ گئس جون قيمتون گهٽ ٿين. هن چيو ته منهنجي هڪ اهم ميٽنگ آهي جنهن ۾ شمسي توانائي سميت سستي بجلي جي فراهمي بابت اهم فيصلن ۽ قدمن تي غور ٿيندو. شمسي توانائي جي منصوبن سان عوام جي مهانگي بجلي مان جند آجي ٿي ويندي. هن چيو ته اسان وفاقي سطح تي پوري پاڪستان لاءِ اهڙا ئي قدم کڻڻ چاهيون ٿا جهڙوڪ قدم پنجاب جي وڏي وزير فري بجلي فراهمي جي حوالي سان کنيا. سستي شمسي توانائي جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇائينداسين. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته 75 سالن ۾ سياسي پارٽين ۽ آمرن ملڪ کي ڪوئي فائدو ناهي ڏنو، محنت سان ترقي جون منزلون ماڻينداسين. عوامي فلاح جا منصوبا حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهن. ساليانو 20 ارب ڊالر تيل اسمن جون شيون گهرايون وڃن ٿيون، ماضي جي حڪومت انتهائي ڪمزور رٿابندي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button