اسلام آبادپاڪستان

عائشا گلالئي عمران خان خلاف بغاوت ڪيس جي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر عائشا گلالئي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف بغاوت جي ڪيس جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تان ايم اين اي چونڊجندڙ عائشا گلالئي اسلام آباد ٿاڻي سيڪريٽريٽ ۾ عمران خان خلاف بغاوت جي ڪيس جي درخواست کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي حدن جي محافظن خلاف مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته عمران خان ٻاهرين ايجنڊا تي پاڪ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پاڪ فوج هن ملڪ خلاف ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته آئون مٿي تي ڪفن ٻڌي ملڪ لاءِ نڪتي آهيان، منهنجو گهر پشاور آهي ۽ اتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي. مون تي حملو ڪيو ويو ته سياسي جماعت نه پر مافيا آهي. منهنجو سوال آهي ته جڏهن الطاف حسين تي پابندي لڳي سگهي ٿي ته پوءِ پي ٽي آءِ تي ڇو نه؟ عائشا گلالئي چيو ته عمران خان ماڻهن کي اڪسائي رهيو آهي ته فوج سان وڙهو، جيڪڏهن فوج ڪمزور ٿي وئي ته ملڪ کي ٽڪرا ٿيڻ کان ڪير بچائيندو؟ چيف جسٽس کي درخواست آهي ته حالتون تمام گهڻيون سنجيده ٿينديون پيون وڃن، هو معاملن جو نوٽيس وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button