اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر ويجهو فائرنگ جي معاملي تي واقعي جو ڪيس ٽائيگر فورس جي انچارج ڪرنل رٽائرڊ عاصم ۽ علي امين گنڊاپور سميت 6 ڄڻن جي خلاف داخل ڪيو ويو. ترجمان مطابق واقعي جو ڪيس زخمي وليد جي ماروٽ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. پڦي جي مڙس حفيظ ۽ ڪزن وليد جي گاڏي کي ٽائيگر فورس جي چئن ماڻهن بيهاري ڇڏيو هو. ڪيس جي متن مطابق هڪ ماڻهو وٽ ڪلاشنڪوف، هڪ جي هٿ ۾ پسٽل ۽ ٻن وٽ ڏنڊا هئا. جوابدارن چيو ته اسان عمران خان جي ٽائيگر فورس آهيون، گاڏي پوئتي ڪريو، ٻي صورت ۾ اوهان کي قتل ڪري ڇڏينداسين. اوچتو جوابدارن فائر کولي ڇڏيا، منهنجو ڪزن وليد پيرن تي گولي لڳڻ سان زخمي ٿي پيو. ڪيس مطابق ڪلاشنڪوف سان فائرنگ ڪندڙ جو نالو مٺل خان ۽ پسٽل سان فائرنگ ڪندڙ جو نالو عارف مروت آهي. ڪيس مطابق سمورن ماڻهن جو تعلق ٽائيگر فورس سان آهي ۽ ان جو انچارج ڪرنل رٽائرڊ عاصم آهي. سمورو واقعو ٽائيگر فورس جي انچارج ڪرنل رٽائرڊ عاصم جي حڪم تي ٿيو. ٽائيگر فورس کي علي امين گنڊاپور ويهاريو جيڪي روزانو مقامي ماڻهن سان جهيڙو ڪن ٿا، ٽائيگر فورس مان بني گالا جي مقامي ماڻهن جي جند ڇڏائي وڃي ۽ جوابدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close