اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

عيد تي سڄي ملڪ جا سمورا يوٽيلٽي اسٽور جمعي ۽ ڇنڇر تي کليل رهندا

اسلام آباد : عيدالضحيٰ جي موقعي تي سڄي ملڪ جا سمورا يوٽلٽي اسٽور جمعي ۽ ڇنڇر واري ڏينهن کليل رهندا. ترجمان مطابق يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ترجمان عنايت الله دولهه ٻڌايو ته عوام جي سهولت لاءِ عيد جي موڪلن تي سمورا يوٽيلٽي اسٽور جمعي ۽ ڇنڇر تي کليل رهندا. سڄي ملڪ جي عوام 8 ۽ 9 جولاءِ تي وفاقي حڪومت جي رليف پئڪيج مان فائدو وٺي سگهندي. سڄي ملڪ جي سمورن يوٽلٽي اسٽورز تي سبسڊائزڊ شيون ججهي مقدار ۾ فراهم ڪيون پيون وڃن. سبسڊائيزڊ شين کان علاوه ٻين معياري برانڊڊ شين جي هڪ وسيع رينج رعائتي اگهن تي دستياب آهي ته جيئن عوام کي عيد لاءِ خريداري ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جي ڏکيائي نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button