اسلام آبادپاڪستان

صدر جو صحافين تي تشدد بابت وزيراعظم کي خط،سخت ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد : صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحافين خلاف تشدد جي واقعن جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته وزيراعظم جي نالي خط ۾ صحافين ۽ ميڊيا پرسن جي تشدد جي وڌندڙ رجحان تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي مطابق صحافين خلاف تشدد جا واقعا اڻ سهپ کي ظاهر ڪن ٿا. صدر چيو ته اهڙن واقعن سان جمهوريت جي مستقبل ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي تي ناڪاري اثر پون ٿا. صدر چيو ته آئين جو آرٽيڪل 19 ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي چارٽر جو آرٽيڪل 19 راءِ جي اظهار جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ خوف ڦهلائڻ کان علاوه اهڙا واقعا بين الاقوامي توجهه ۾ اچن ٿا ۽ ملڪي ساک کي خراب ڪن ٿا. صدر پاڪستان فريڊم آف پريس انڊيڪس 2022 ۾ پاڪستان جي 157هين پوزيشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. صدر چيو ته مختلف بين الاقوامي تنطيمن پنهنجي رپورٽ ۾ صحافين کي حراسان ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ جسماني تشدد کي پاڪستان جي مايوس ڪندڙ پوزيشن جا بنيادي سبب قرار ڏنو آهي. صدر خط ۾ صحافين جي تحفظ جي ڪميٽي ۽ هيومن رائٽس واچ جي رپورٽن جو به حوالو ڏنو. صدر چيو ته رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 1992 کان 2022 تائين 96 صحافي قتل ڪيا ويا. الزام مڙهيو ويو ته رياست جي طاقتور عناصر جي خلاف اختلاف راءِ ۽ تنقيد دٻائڻ لاءِ صحافين کي بغاوت ۽ دهشتگردي جي الزامن جو نشانو بڻايو ويو. صدر چيو ته عزيز ميمڻ ۽ ناظم جوکيو کي قتل ڪيو ويو. مطيع الله جان کي اسلام آباد جي هڪ مصروف علائقي مان ڏينهن جو اغوا ڪيو ويو. صدر چيو ته اسد علي طور ۽ ابصار عالم کي اڻڄاتل ماڻهن حملو ڪري زخمي ڪيو. لاهور ۾ ڪيترن ئي اکين ڏٺل شاهدن جي موجودگي ۾ اياز امير تي اڻڄاتل ماڻهن رش وارن وقتن ۾ رستي تي حملو ڪيو. صدر چيو ته سميع ابراهيم، ارشد شريف، صابر شاڪر، عمران رياض خان ۽ معيد پيرزادا خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيتريون ئي ايف آئي آر داخل ڪرايون ويون. هن چيو ته نالي وارن صحافين جي خلاف ٿيندڙ تازن قدمن ۽ عدليا جي ڪوششن کي نقصان پهچايو. جڏهن هڪ دائري اختيار ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي دائري اختيار ۾ حراسان ڪرڻ جي نيت سان ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته ايئن لڳي ٿو ته آزاد راءِ رکندڙ ميڊيا پرنسنز کي دهشت جو نشانو بڻايو پيو وڃي. گذريل حڪومت جا قدم يا بي عملي کي اهڙين ڀڃڪڙين کي ورجائڻ لاءِ سبب طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 41 مطابق صدر کي سمورن شهرين لاءِ اظهار جي آزادي ۽ منصفاڻي ٽرائل جي بنيادي حقن جي تحفظ کي ممڪن بنائڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، جنهن ۾ دانشورن ۽ صحافين تي ظلم نه ٿيڻ گهرجي. صدر چيو ته سياستدان به صحافين کي اڻڄاتل ۽ ٻين غيرقانوني قدمن کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button