اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي جي ڪميٽي ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد طلب

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي استحقاق ۽ قاعدن ۽ ضابطن بابت قائمه ڪميٽي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ گهرو وزير شيخ رشيد کي طلب ڪري ورتو. خميس تي جاري ڪيل پڌرائي مطابق قائما ڪميٽي انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد پوليس ۽ ايس ايس پي اسلام آباد کي به لاڳاپيل رڪارڊ سان گڏ ڪميٽي جي اجلاس ۾ حاضر ٿيڻ جي هدايت ڪئي. هي هدايتون استحقاق ڪميٽي جي چيئرمين راڻا قاسم نون پاران جاري ڪيون ويون آهن. اڳوڻي وزيراعظم ۽ گهرو وزير کي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين ايوبي جي پارليامينٽ لاجز ۾ فليٽ تي پوليس جي ڇاپي جي خلاف جمع ٿيل استحقاق واري رٿ جي حوالي سان گهرايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button