اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

گيهه 100 يا 150 رپيا في ڪلو سستو ٿيندو:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد :ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هڪ هفتي ۾ تيل ۽ گيهه جي قيمت 350 رپيا ٿي ويندي. جڏهن ته اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام کي صحيح وقت تي پهچائينداسين. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته گيهه، کنڊ ۽ اٽي جي اگهن ۾ ذڪر جوڳي لاٿ ٿيندي. گيهه جي اگهه ۾ تمام جلد 150 رپيا في ڪلو لاٿ ٿيندي، اٽو به وڌيڪ سستو ٿيندو ۽ ڀاڻ جو اگهه به گهٽجندو. هن چيو ته معاشي طور تي استحڪام ڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ آءِ ايم ايف سان معاملو جلد طئي ٿي ويندو، تنهن ڪري معيشت ڪنٽرول ۾ آهي، افوهن تي ڌيان نه ڏيو. سندس چوڻ هو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائڻ اسان جي معاشي مجبوري هئي پر هاڻ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 100 ڊالر ٿي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان تمام گهڻو ڪرنٽ خسارو ڇڏي ويو، عمران خان روس کان گهٽ ۾ گهٽ 100 لٽر تيل ئي وٺي ها. گذريل نالائق حڪومت جي بُرين پاليسين جو نتيجو اسان ڀوڳي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي جو 1100 ميگا واٽ جو پاور پلانٽ ڪم شروع ڪري ڇڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button