اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

گيس 43 سيڪڙو کان 235 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(رپورٽ: شهباز رانا) حڪومت گيس جي قيمتن ۾ 43 سيڪڙو کان 235 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو پهرين جولا کان لاڳو ٿي ويو آهي. فيصلي تحت گهريلو ۽ ٻين سڀني قسم جي واهپيدارن کان 660 ارب رپيا اضافي اوڳاڙيا ويندا. ان ڏس ۾ پيٽروليم جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته اڌ گهريلو واهپيدارن کي قيمتن ۾ واڌ کان بچايو ويو آهي، واڌ جو وڏو اثر مٿئين طبقي تي پوندو. گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو هي فيصلو ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ چار ڪيوبڪ ميٽر تائين گيس استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدارن تي 235 سيڪڙو تائين اضافي بار مڙهيو ويو آهي. انهن کي 5 ڪيوبڪ ميٽر گيس استعمال ڪندڙ واهپيدارن سان ملايو ويو آهي، جيڪي في ايم ايم بي ٽي يو تي 3712 رپيا جي قيمت ڀريندا پر انهن لا اگهه ۾ واڌ 154 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. مفتاح اسماعيل جي سربراهي ۾ اي سي سي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ وارو ٺيڪو ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن تحت 439 ڏهائي 4 ڊالر في ميٽرڪ ٽن قيمت تي ڪڻڪ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر عالمي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جون قيمتون گهٽجڻ سبب اهو فيصلو واپس ورتو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته عام واهپيدارن جي لا گيس جي قيمتن ۾ تبديلي وارو فيصلو ان رخ ۾ ڪيو ويو آهي ته ايڪسپورٽ ۽ نان ايڪسپورٽ انڊسٽريز جي لا گيس جون قيمتون گهٽايون وڃن. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپو گيس جي قيمتن ۾ اضافي وارو فيصلو پهرين جولا کان لاڳو ٿي ويندو. هن کان پهرين اي سي سي بجلي جي قيمتن ۾ 7 ڏهائي 91 پيسا في يونٽ واڌ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن جي وزيراعظم شهباز شريف اڳي ئي منظوري ڏئي چڪو آهي. اي سي سي ٻڙي ڏهائي 5 ڪيوبڪ ميٽر في مهينو گيس استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدارن جي لا اگهه وڌائي 173 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي منظوري ڏني، جيڪو موجوده اگهه 121 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۾ 43 سيڪڙو اضافو آهي. جيڪي واهپيدار هڪ ڪيوبڪ ميٽر گيس استعمال ڪندا رهيا آهن، تن لا اگهه ساڳيو 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته اسان 50 سيڪڙو واهپيدارن کي اگهه ۾ واڌ کان بچايو آهي، 2 کان 3 ڪيوبڪ ميٽر في مهينو گيس استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدارن لا اگهه ۾ 26 سيڪڙو اضافو ڪري نوان اگهه 696 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪيا ويا آهن. 3 ڪيوبڪ ميٽر تائين گيس استعمال ڪندڙ واهيپدار 1118 رپين بدران 1856 في ايم ايم بي ٽي يو جي قيمت ڀريندا، جيڪو موجوده قيمتن ۾ 152 سيڪڙو اضافو آهي. فيصلي موجب 3 ڪيوبڪ ميٽر کان وڌيڪ في مهينو گيس واهپيدارن تي سڀ کان وڌيڪ بار وڌو ويو آهي، اهي واهپيدار هن وقت تائين 1107 کان 1460 تائين ٻن سليبن ۾۾ ورهايل هئا، تن کي 3712 في ايم ايم بي ٽي يو جي سليب ۾ ضم ڪيو ويو آهي. حڪومت گيس جي واهپيدارن لا سليب پڻ ستن مان گهٽائي 5 ڪري ڇڏيا آهن. پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جو پڻ چوڻ آهي ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن موجوده مالياتي سال دوران گيس شعبي جو گردشي قرض وڌڻ کان روڪيو وڃي. پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته گيس شعبي جو گردشي قرض جيڪو جون 2018 ۾ 299 ارب رپيا هو، سو 31 مارچ 2022 تائين هڪ کرب 232 ارب رپيا ٿي ويو هو. اي سي سي تندور تي ماني پچائيندڙن جي لا گيس 928 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن سان تندور لا گيس جون قيمتون 33 سيڪڙو وڌي ويون آهن. ڪمرشل گيس ڪنيڪشن جون قيمتون 81 سيڪڙو تائين وڌايون ويون آهن. هوڏانهن اي سي سي 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ وارو ٽينڊر ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ لا نئون ٽينڊر جاري ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button