ليا : مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام جي روئڻ جا ڏينهن ختم ٿي ويا، هاڻ عمران خان جي روئڻ جا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن. ڪالهه ليا ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هي جلسو نه پر قدرت جو شان ڏسي رهي آهيان، ڇو ته مان جيڪو عوام جو هجوم ڏٺو آهي، انهن پنهنجو رڪارڊ پاڻ ئي ٽوڙي ڇڏيو. هن چيو ته 17 جولاءِ تي ليا ۾ شينهن شينهن جو آواز ايندو، اسان جو مقابلو ڪنهن گدڙ سان نه پر گدڙ جي آندل مهانگائي، ڪرپشن سان آهي. پنجاب جو مقابلو پنجاب دشمن عمران خان سان آهي، هي فتنو خان پنجاب جي تباهي جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي. هن شخص پنجاب کي لٽڻ لاءِ گھر جي عورتن کي لڳايو هو، هي ڪهڙو جهاد آهي، جنهن جي فنڊ لاءِ بشريٰ بي بي ۽ فرح کي رکيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪي پي ۾ 9 سالن کان حڪمران آهي، اتي برساتن سان تباهي ٿي ۽ پشاور، مردان ۽ صوابي ٻڏي ويا، عمران خان اسلام آباد جي حدن مان پنجاب ۾ اچي گاريون ڏئي هليو ٿو وڃي. نواز شريف پاڪستان ۾ فلاحي منصوبا لڳايا ۽ عمران خان تباهي جا منصوبا لڳايا، عمران خان پنجاب کي ٻوڙڻ هتي اچي ويو آهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف سي پيڪ ٺاهيو، جيڪو پاڪستان جي ترقي جو سڀ کان وڏو منصوبو هو، عمران خان چار سالن تائين حڪمراني ڪندو رهيو ۽ هن گوگي پنڪي اڪنامڪ ڪوريڊور ٺاهيو، هن جي پيڪ بڻايو ۽ پنجاب جي ترقي جي پئسن سان بني گالا مني گالا بڻجي ويو. ليگي اڳواڻ چيو ته عمران خان روئي رهيو آهي، جڏهن ماڻهو اٽي ۽ کنڊ لاءِ سڪندا هئا ته ان وقت هن کي روئڻ نه آيو، آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪندي توهان کي روئڻ نه آيو، فرح خان پنجاب کي لٽي کائي رهي هئي تڏهن روئڻ نه آيو، عمران خان ياد رکو! عوام جا روئڻ جا ڏينهن ختم ٿي ويا، هاڻي توهان کي روئڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حمزا سڄي پنجاب ۾ 100 يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي مفت ڪري ڇڏي ته عمران خان پنجاب جي وڏي وزير جو اهو قدم روڪڻ لاءِ عدالت هليو ويو، عمران خان ڇا به ڪري 17 جولاءِ کانپوءِ پنجاب جي عوام کي اها سهولت ملي رهندي، پنجاب ۽ پاڪستان جو عوام ڄاڻي ٿو هيءَ تباهي عمران خان آندي. سندس چوڻ هو ته عمران خان حڪومت وڃڻ جي خبر پوڻ تي پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه ڪيرائي ڇڏيا، هاڻي چئي ٿو ته پيٽرول جا اگهه گھٽ ڪريو. توهان جو اگهه گھٽ ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو، شهباز شريف کي جيڪي ڏکيا فيصلا ڪرڻ هئا ڪري ورتائين. هاڻ سٺا ڏينهن اچڻ وارا آهن، ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گھٽ هوندا. هاڻي مهانگائي کي ريورس گيئر لڳندي ۽ ترقي پنجين گيئر ۾ هلندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close