اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول 18 رپيا سستو ڪرڻ جي سفارش،سمري ناڻي واري وزارت حوالي

اسلام آباد :عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت گهٽجڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ لاءِ سمري تيار ڪري ناڻي واري وزارت کي موڪلي وئي آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن بابت ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن تحت پيٽرول جي قيمت ۾ 18 رپيا في لٽر گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه اوگرا هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 33 رپيا في لٽر جي تجويز ڏني آهي. جڏهن ته نئين قيمتن جو اعلان ناڻي واري وزارت ڪندي. ان ڏس ۾ پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي تيار ڪئي وئي آهي ۽ ناڻي واري وزارت طريقيڪار مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سمري اماڻيندي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سمورو رليف عوام کي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پيٽروليم واري وزارت سمري تيار ڪري ناڻي واري وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي. پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي سمري تيار ڪئي وئي آهي ۽ ناڻي واري وزارت ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪري سمري اڳتي موڪليندي. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پيٽروليم ۽ ناڻي واري وزارت کان اگهن ۾ لاٿ لاءِ سمري طلب ڪئي هئي. هوڏانهن پيٽروليم ڊويزن ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 25 رپيا في لٽر تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جي سمري وزيراعظم ڏانهن موڪلي پئي وڃي. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي وزيراعظم جي هدايت تي ڪئي پئي وڃي ته جيئن عوام کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button