اسلام آبادپاڪستانپنجاب

ڊي جي نيب لاهور پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ طلبي چيلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ڊي جي نيب لاهور ميجر رٽائرڊ شهزاد سليم پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ طلبي چيلينج ڪري ڇڏي. ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ سيڪريٽري نيشنل اسيمبلي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ونگ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. شهزاد سليم درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اختيار اورانگھيندي مون کي طلب ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو آهي، نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته طيبا گل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ بدنيتي تي ٻڌل درخواست ڏني، طيبا گل جي ان کان اڳ احتساب عدالت لاهور ۾ به درخواست شنوائي هيٺ آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته طيبا گل بابت درخواست فيڊرل شريعت ڪورٽ سامهون به ٻڌڻي هيٺ آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي متوازي پروسيڊنگز هلائي پنهنجا اختيار اورانگھيا آهن. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته متاثر عورت لاءِ لاڳاپيل فورم موجود آهن، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جاچ شروع نٿي ڪري سگھي. درخواست موجب ان کي رد نٿو ڪري سگھجي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيئرمين ذاتي مفادن لاءِ درخواست ڏياري هجي، هن خلاف نيب انڪوائري پهريان کان ئي شنوائي هيٺ آهي. هن اهو به موقف اختيار ڪيو ته ٿي سگھي ٿو ته پي اي سي چيئرمين ڪو پلاند وٺڻ چاهيندو هجي يا ان ريت گھرائي پنهنجي جاچ جي معاملي ۾ فائدو وٺڻ چاهيندو هجي.سليم شهزاد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پي اي سي چيئرمين جو ڪنڊڪٽ اهو آهي ته هو جنهن پارٽي طرفان چونڊيو، ان سان وفاداري نه ڪيائين. هن درخواست ۾ چيو آهي ته ته جيستائين ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي نوٽيس تي منع نامو جاري ڪيو وڃي. ياد رهي ته اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال تي هراسمينٽ جو الزام لڳائيندڙ عورت طيبا گل پي اي سي اجلاس ۾ ڊي جي نيب لاهور سليم شهزاد تي به سنگين نوعيت جا الزام هنيا هئا، جنهن کانپوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيئرمين پاران سليم شهزاد کي ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button