جده: آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيل جي دوري کانپوءِ سعودي عرب پهچي ويو. صدارت سنڀالڻ بعد آمريڪي صدر جو وچ اوڀر جو پهريون دورو آهي ۽ سعودي عرب پهچڻ کان اڳ هن اسرائيل جو دورو ڪيو. اسرائيل جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران آمريڪي صدر اسرائيلي ۽ فلسطيني قيادت سان ملاقات ڪئي. آمريڪي صدر اسرائيلي شهر تل ابيب مان سڌي ريت جده پهتو، هو پهريون آمريڪي صدر آهي جيڪو اسرائيل مان سڌي ريت اهڙي عرب ملڪ پهتو جيڪو اسرائيل کي نٿو مڃي. جده پهچڻ تي گورنر مڪه شهزاده خالد الفيصل ۽ آمريڪا ۾ سعودي سفير شهزادي ريما بنت بندر آمريڪي صدر جي آجيان ڪئي. آمريڪي صدر جده ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ بائيڊن جده سيڪيورٽي اينڊ ڊيولپمينٽ سمٽ ۾ به شرڪت ڪندو جنهن ۾ بحرين، ڪويت، عمان، قطر ۽ گڏيل عرب امارتن جا سربراهه شرڪت ڪندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close