لاڙڪاڻي ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪراچي حيدرآباد واقعن خلاف احتجاج دوران ڪاروبار بند ڪرائڻ واري مامري تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ پاران لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن مان 16 قومي ڪارڪن گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته ضلعي جي مختلف علائقن مان 16 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته امن امان ۾ خلل وجھڻ تان گرفتاريون ڪيون پر امن احتجاج ڪندڙن کي پوليس گرفتار ناھي ڪيو. هن چيو ته لا اينڊ آرڊر تي عمل ڪرايو ويندو ۽ ڪنهن کي به قانون ھٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين، شهر ۾ زبردستي ڪاروبار بند ڪرائڻ ۽ وڳوڙ ڪرڻ تي 16 قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ڪارڪنن کي شهر جي مختلف ٿاڻن تي لاڪپ ڪيو ويو آهي، جن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس جو فليگ مارچ ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close
-
شهيد بينظير لاءِ سالگرهه تي تحفو21-06-2023
-
پنجاب کان چترال تائين عوامي ڪاوڙ ڇو؟14-05-2023