پاڪستان

ڪجهه هفتن ۾ قيمتن تي ضابطو آندو ويندو: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد: ناڻي بابت وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته معيشت کي ترقي جي رستي تي آڻي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اگهن ۾ واڌ تي ضابطو آندو ويندو ۽ ايندڙ هفتي رپئي تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو. سرڪاري نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته بهتر فيصلي سازي جي نتيجي ۾ هلندڙ مالي سال لاءِ مقرر ڪيل معاشي هدف حاصل ڪيا ويندا، معيشت جي اهم برآمدي شعبي کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ صنعتي فيڊرن تي ڪا لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي. هن ڪجهه ڌرين طرفان پيدا ڪيل ان تاثر کي رد ڪيو ته تازن مهينن ۾ ملڪ ۾ ناڻي جي پهچ، برآمدن ۽ ٽيڪس وصولي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. مفتاح اسماعيل نشاندهي ڪئي ته مئي ۽ جون ۾ رڪارڊ پهچ ٿي، جڏهن ته ايف بي آر به هدف حاصل ڪري ورتا آهن، حڪومت هلندڙ مالي سال دوران اوڳاڙين ۾ 35 سيڪڙو واڌ جو هدف مقرر ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button