پاڪستان

نواز شريف جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏيڻ گهرجي: ريحام خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي زال ريحام خان چيو آهي ته شهباز شريف کي معاف ۽ نواز شريف جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏيڻ گهرجي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ريحام خان چيو ته شهباز شريف کي معاف ڪرڻ گهرجي ۽ نواز شريف جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏيڻ گهرجي، واضح طور تي چوان ته هي جنگ جو وقت آهي. هن لکيو ته 224 سيٽن سان سڀني کان وڏو مينڊيٽ رکندڙ وزيراعظم کي ان بنياد تي نااهل قرار ڏنو ويو ته هن پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي. سندس چوڻ هو ته مان پي ٽي آءِ وارن کي ڏسندي آهيان، جيڪي مون سان ذاتي طور تي پارٽي چيئرمين جي اصل ڪهاڻي تي ڳالهه ڪندا آهن پر وري اهي ئي مذهب ڪارڊ استعمال ڪندي پنهنجي ليڊر جي وڊيوز پوسٽ ڪندا آهن. ريحام خان، عمران خان سميت انهن ماڻهن کي منافق چيو ۽ ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن بابت وڌيڪ لکيو ته توهان رڳو پاڻ کي دوکو ڏئي رهيا آهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button