سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آئي ملڪي عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. پي ٽي آئي پاران سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري تي حملو عدالت تي حملو تصور ڪريون ٿا. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ غنڊاگردي ۽ بدمعاشي ڪري ادارن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي. گذريل پنجن سالن کان عمران خان پنهنجي مرضي جا فيصلا ورتا آهن. افسوس جي ڳالھه آهي ته عمران خان کي ڪوڙو صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ مليو آهي. صوبائي وزير چيو ته بي آر ٽي تي به کين اسٽي آرڊر مليل آهي. عمران خان کي بني گالا جي غير قانوني تعمير جي به اجازت ڏني وئي. ھن چيو ته ملڪ مان هاڻي لاڊلا ازم جو خاتمو ٿيڻ گھرجي. قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گھرجي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اها ئي روايت رهي ته جنهن جي لٺ ان جي مينهن ته ڇا پوءِ اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته هاڻي هر ڪوئي لٺ هٿ ۾ کڻي؟ انصاف جون گھرجون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گھرجن. پاڪستان ۾ عمران خان جي لاءِ الڳ قانون آهي ۽ باقي عوام جي لاءِ الڳ قانون آهي. عمران خان پاڻ کي قانون کان مٿانھون سمجھي ٿو. عمران خان ۽ پي ٽي آئي کي 100 قتل به معاف آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جا اتحادي ملڪ مان لاڊلا ازم جي خاتمي ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close