
اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلز بس سروس جو روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو . نئين روٽ تي اڄ (اربع) کان بسون هلايون وينديون. نئون روٽ فائيو اسٽار چورنگي کان شروع ٿي ڪي ڊي اي چورنگي، ناظم آباد عيد گاهه، لياقت آباد 10، عيسيٰ نگري، سوڪ سينٽر، نيشنل اسٽيڊيم، ڪارساز، نرسري، ايف ٽي سي بلڊنگ، ڪورنگي روڊ، ڪي پي ٽي انٽرچينج کان ٿيندو شان چورنگي تي ختم ٿيندو. اهڙو اعلان صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلز بس سروس بابت اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آر ٽي سي صهيب شفيق، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل ايس ايم ٽي اي بشير حسين ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير روٽ نمبر 11 جي سروي ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪيا، جنهن ۾ بوٽ بيسن، آمريڪن قونصليٽ، ماڙيپور، ڪياماڙي ۽ لياري وارا علائقا شامل آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته کيس هڪ ٻن ڏينهن ۾ نون روٽس تي پروگريس رپورٽ گھرجي. ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم کي جديد بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. بي آر ٽيز ۽ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي جي شهرين جو ڊگهي عرصي کان هلندڙ ٽرانسپورٽ وارو مسئلو حل ٿي ويندو.