
لاهور: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين به موجود هو، مولانا فضل الرحمان چوڌري شجاعت حسين کان خيريت معلوم ڪئي. ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.