
سيتاروڊ: ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي مسمار ڪرڻ واري عمل خلاف سيتا سجاڳ اتحاد پاران سليمان سومرو، آصف خاصخيلي ۽ محبوب سنڌي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ سرڪار افغاني پٺاڻن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ بدران سنڌين جي گھرن کي مسمار ڪري رهي آهي، 2015ع ۾ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ھو ته افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي پر افسوس پ پ حڪومت ان جي ابتڙ ڌرتي ڌڻين جا گهر ڊاهي پئي، سنڌ سرڪار کي سمجھڻ گھرجي ته سنڌ ھاڻي سڄاڳ ٿي چڪي آھي، اهڙي سازش برداشت نه ڪئي ويندي.