اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مڃيل عالمي اداري فنانشل ٽائمز جي جاچ رپورٽ عمران نيازي خلاف سنگين فرد جرم آهي. ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته رپورٽ پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ، غيرقانوني رقم جي ترسيل جي حقيقتن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته رپورٽ ۾ بيان ڪيل تفصيل رڙيون ڪري ٻڌائي رهيا آهن ته عمران نيازي جي سوچ ڪوڙ، ٽڪرائن ۽ منافقت سان ڀريل آهي. هوڏانهن پاڪ آمريڪن بزنس فورم جي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته اسان مشڪل وقت ۾ رياست پهريان سياست بعد ۾ واري پاليسي تحت حڪومتي واڳ سنڀالي ۽ مشڪل فيصلا ڪيا. ڪيترين ئي لگزري شين جي ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لڳائي غير ضروري حڪومتي خرچ گهٽايا. قابل تجديد توانائي جا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون، انتشار ۽ معيشت جي تباهي جي ذميوارن جي برعڪس محنت ۽ دلچسپي سان ملڪ جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ملاقات دوران وفد ۾ جنرل سيڪريٽري پاڪ آمريڪن بزنس فورم وقار خان، صدر رياض حسين ۽ سينيئر نائب صدر انور اعظم شامل هئا. ان کان سواءِ وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته معيشت کي بحال ڪرڻ ۽ پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ اسان مشڪل فيصلا ڪيا آهن. گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري رٿابندي تي عمل سان اسان بجلي جي پيداوار جو دارومدار درآمدي تيل تي گهٽائي قابل تجديد ذريعا ڪتب آڻينداسين. اسان ترجيحي بنيادن تي 6 کان 7 هزار ميگاواٽ قابل تجديد، گڏوگڏ سولر ۽ ونڊ انرجي جا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم شهبازشريف کي معيشت جي بحالي لاءِ قدم ملڪ ۾ ايڪسپورٽ صنعت کي موجوده حڪومت پاران فراهم ڪيل سهولتون ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي حل تي خاص ڌيان لاءِ خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي پنهنجن مسئلن ۽ تجويزن کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم فوري طور تي سندن مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي اها خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close