پاڪستان

غلامي کان ڇوٽڪاري جو ڀاشن ڏيندڙ پاڻ ٻين جو غلام نڪتو: مريم نواز

لاهور: ن ليگ نائب صدر مريم نواز اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته قوم کي غلامي مان ڇوٽڪاري جو ڀاشن ڏيندڙ پاڻ ٻاهرين طاقتن جو غلام ثابت ٿيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته فتنو خان پاڪستان جو پهريون ۽ واحد سياستدان آهي، جيڪو هڪ ئي فيصلي ۾ ترديد نه ٿيڻ جوڳن ثبوتن سان ڪوڙو، ڪرپٽ، مني لانڊرر ۽ ٻاهرين طاقتن جي چوڻ تي ڪم ڪندڙ ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان جو پنهنجو ئي ٺاهيل ڪوڙو، ايمانداري ۽ حب الوطني جو بت اڄ اونڌي مُنهن ڪِري پيو، بيشڪ الله حق آهي. سندس چوڻ هو ته قوم کي غلامي مان ڇوٽڪاري جا ڀاشن ڏيندڙ پاڻ ٻاهرين طاقتن جو غلام ثابت ٿيو، انهن کان پئسو وٺندو رهيو ۽ ان پئسي کي ملڪ ۾ فتني، ڏڦيڙ ۽ بربادي لاءِ خرچ ڪندو رهيو، ان فارن ايجنٽ کي پاڪستان جي ترقي روڪڻ، سي پيڪ جي خاتمي لاءِ لانچ ڪيو ويو هو، ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button