پاڪستان

گم ٿيل هيليڪاپٽر جو ملبو هٿ اچي ويو، ڪور ڪمانڊر سميت سمورا آفيسر شهيد

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن گم ٿيل هيليڪاپٽر جو ملبو هٿ آيو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ گذريل ڏينھن گم ٿيل ھيليڪاپٽر جو ملبو مليو آھي، هيليڪاپٽر حادثي ۾ ڪور ڪمانڊر سرفراز علي سوڌو 6 ڄڻا شھيد ٿي ويا آھن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري بيان ۾ هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل هيليڪاپٽر جو ملبو ملڻ جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته هيليڪاپٽر جو ملبو موسيٰ ڳوٺ مان هٿ آيو آهي، جڏهن ته حادثو موسم جي خرابي سبب پيش آيو، هيليڪاپٽر ٻوڏ متاثرن جي رليف آپريشن ۾ مصروف هو. آءِ ايس پي آر موجب حادثي ۾ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ ڊي جي ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد سميت ٻيا چار جوان ۽ آفيسر پڻ شهيد ٿي ويا آهن، ٻين شهيدن ۾ برگيڊيئر محمد خالد، ميجر سعيد احمد، ميجر محمد طلحه منان ۽ نائيڪ مدثر فياض شامل آهن. جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ تفصيل جاچ کانپوءِ شيئر ڪيا ويندا. هيليڪاپٽر بلوچستان جي علائقي لسٻيلي ۾ امدادي ڪارروايون انجام ڏئي رهيو هو ته ان دوران ان جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪٽجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button