عالمي

نينسي پلوسي تائيوان پهچي وئي، آمريڪا کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا: چين

بيجنگ: آمريڪي ڪانگريس جي اسپيڪر نينسي پلوسي چين جي شديد ڪاوڙ باوجود تائيوان جي دوري تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته چين آهي ته باهه سان کيڏندڙ آمريڪي سياستدانن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته تائيوان تي باهه سان کيڏندڙ آمريڪي سياستدانن کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته تائيوان واري معاملي تي باهه سان کيڏڻ يا سياست ڪرڻ تي آمريڪي سياستدانن جو انجام سٺو نه ٿيندو. هوڏانهن آمريڪي نمائندن جي ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي ايشيائي ملڪن جي دوري تي ڪالهه تائيوان پهچي وئي ۽ ان ڏس ۾ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال نظر اچي رهي آهي. چين طرفان نينسي پلوسي جي امڪاني دوري تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن تي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ردعمل ڏيندي چيو آهي ته چين ذميواري جو مظاهرو ڪري. ٻئي پاسي وائٽ هائوس جي قومي سلامتي بابت ترجمان جان ڪربي چيو ته ايوان نمائندگان جي اسپيڪر پلوسي کي ٻين آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن وانگر تائيوان وڃڻ جو حق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button