عالمي

القاعده اڳواڻ ايمن الظواهري آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو

واشنگٽن: القاعدا جو ليڊر ايمن الظواهري مبينا طور آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سي آءِ اي ايمن الظواهري کي آچر ڏينهن ڪابل ۾ ڊرون حملي سان نشانو بڻايو، ان ڪارروائي دوران ٻيو ڪو به جاني مالي نقصان ناهي ٿيو. ايمن الظواهري القاعدا جي باني ليڊر اسامه بن لادن جي موت کانپوءِ تنظيم جي ڪمان سنڀالي هئي. ٻئي پاسي طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد آمريڪي حملي جي تصديق ڪئي ۽ آمريڪي ڪارروائي جي مذمت ڪندي ان کي عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. وائٽ هائوس جي اختيارين الظواهري جي مارجڻ جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ القاعدا جي هڪ اهم هدف خلاف ڪارروائي ڪئي، آپريشن ڪامياب رهيو ۽ ٻيو ڪو به جاني مالي نقصان ناهي ٿيو. هوڏانهن ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن پڻ تصديق ڪندي چيو ته واضح ۽ جوڳن ثبوتن تي حملي جي اجازت ڏني ۽ دهشتگرد کي انجام تائين پهچايو. هن ٻڌايو ته ڳجهن ادارن هلندڙ سال اپريل ۾ نائن اليون حملي جي رٿابندي ۾ شامل ايمن الظواهري جو پتو لڳايو، هن چيو ته هر قيمت تي آمريڪا جو دفاع ڪنداسين ۽ پنهنجن دشمنن جو هر هنڌ پيڇو ڪنداسين. آمريڪي صدر چيو ته ايمن الظواهري ويجهڙائي ۾ آمريڪا ۽ اتحادين تي حملي لاءِ ويڊيوز جاري ڪيون، الظواهري جي مارجڻ سان آمريڪين کي انصاف مليو آهي. آمريڪي اختيارين القاعدا جي اڳواڻ ايمن الظواهري جي ڪابل ۾ موجودگي کي طالبان سان ٿيل معاهدي جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. آمريڪي اختيارين موجب ايمن الظواهري پنهنجي ڪٽنب سميت ڪابل جي سيف هائوس ۾ موجود هو، سندس مارجڻ کانپوءِ حقاني نيٽورڪ سندس ڀاتين کي گهر مان ٻاهر ڪڍي ورتو. آمريڪي اختيارين وڌيڪ چيو ته طالبان دهشتگردن کي پناهه نه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، ڳجهن ادارن اپريل کان ايمن الظواهري تي نظر رکي هئي ۽ آمريڪي صدر جي اجازت کانپوءِ ايمن الظواهري کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته طالبان کي آمريڪي حملي جي خبر نه هئي. هوڏانهن القاعدا جي اڳواڻ الظواهري جي مبينا طور آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي ڊرون حملي ۾ مارجڻ تي سعودي عرب جو ردعمل سامهون آيو آهي. سعودي عرب ايمن الظواهري جي مارجڻ واري اعلان جي آجيان ڪئي آهي. سعودي جي پرڏيهي وزارت چيو ته ايمن الظواهري اهڙن دهشتگردن مان هو جن آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ دهشتگرد حملن جي اڳواڻي ڪئي، ايمن الظواهري سعودي شهرين سميت هزارين بي ڏوهي ماڻهن کي ماريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button