سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ چوري شڪ ۾ پوليس جو نينگر تي وحشياڻو تشدد

لاڙڪاڻي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جناح باغ چوڪ وٽ مبينا طور موبائيل فون چوري ڪرڻ جي شڪ ۾ پوليس 15 ورهين جي نينگر مٿان تشدد ڪري سندس ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ نينگر دانهون ڪندي پنهنجو نالو فرحان ٿيٻو ٻڌائيندي چئي رهيو آهي ته مان غريب آهيان، پرنٽنگ پريس تي ڪم ڪندو آهيان، جڏهن ته مان جناح باغ چوڪ تي قائم سبيل جي ڪئمپ تي سبيل پي رهيو هيس، جتي پوليس موبائيل ۾ سوار اهلڪار مونکي پڪڙي موبائيل چوري جو الزام لڳائي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي ڪپڙا ڦاڙي ليڙو ليڙو ڪري ڇڏيا آهن. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مون مٿان تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي. ٻي طرف پوليس جو چوڻ هو ته هڪ شهري جي موبائيل فون نڪري وئي هئي، جنهن تي نينگر کان موبائيل جي پڇا ڳاڇا ڪئي تشدد وارو الزام بي بنياد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button