سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي مبينا ڦر خلاف نوجوانن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي ستين نمبر ناڪي واري علائقي جي رهواسي نوجوان پنهنجي دوستن سان گڏجي مبينا ڦر ٿيل رقم ۽ موبائيل فونون واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان مزمل مڱڻ پنهنجي دوستن نياز ابڙو، سجاد ميراڻي، تهمور لاڙڪ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته مان سگريٽن جي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. گذريل ڏينهن ڊيوٽي کان واپس گهر طرف اچي رهيو هيس ته وليد ٿاڻي جي حد ستين نمبر واري علائقي ۾ ٽن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن اڳ وٺي هٿيارن جي زور تي ٻه عدد موبائيل فون ۽ 5 هزار روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا. اطلاع باوجود وليد پوليس ڦورن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦر ٿيل موبائيل فونون ۽ رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button