بلوچستان جي لسٻيلا ويجهو پاڪ فوج جي ھيليڪاپٽر سان ٿيل حادثي ۾ شھيد ٿيل آفيسرن ۾ ھيليڪاپٽر جي پائليٽ شھيد ميجر سعيد احمد تنيو پٽ نواب علي تنيو جو تعلق باقراڻي ويجهو ڳوٺ سجاول تنيو سان آهي. اھڙي اطلاع ملڻ بعد سندس ڳوٺ ۾ تڏو وڇايو ويو. ان سلسلي ۾ شھيد پائليٽ ميجر سعيد احمد تنيو جي ڀائرن قربان علي تنيو ۽ پروفيسر علي ڏنو تنيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جو ڀا شھيد ميجر سعيد تنيو اسان ڇهن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو ھو. ھن 2006ع ۾ انٽر پاس ڪري سال 2007ع ۾ پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيو ھو، کيس شھادت جو شوق ھوندو ھو ۽ اڄ ھو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي شھيد ٿي ويو، جنهن تي اسان کي فخر آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته شھيد ميجر سعيد احمد تنيو شادي شده ۽ کيس ٻن ٻارن جي اولاد آهي، جنهن ۾ ۾ 9 ورھين جو ھڪ پٽ ۽ ستن ورھين جي نياڻي شامل آهي. شھيد ميجر سعيد احمد تنيو سوڳوارن ۾ بيواهه، 2 ٻار، پي ۽ پنج ڀائر ۽ 5 ڀينرون ڇڏيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close