پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ هائي اسڪول جي ڇت اوچتو ڪري پئي

ڇاڇرو:ڇاڇرو جي ڳوٺ چانور گجو آباد جي هائي اسڪول جي ڇت زوردار برساتون پوڻ سبب ڪري پئي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن چيو ته چارنور گجو آباد جي هائي اسڪول جي بلڊنگ شديد برساتون پوڻ سبب ڪِري پئي آهي، جنهن جي جلد مرمت ڪرائي وڃي. هنن چيو ته سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب عمارت زبون ٿي وئي هئي. هيڊ ماستر محمد عارب سمون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ داخلا وڌيڪ آهي، اسڪول جا ڪمرا تمام گهٽ آهن، ڪيترائي دفعا اختيارين کي لکيو آهي مرمت نه ٿي سگهي جلد مرمت ڪرائي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button