پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ 20 هارين جا گهر پٽ، زمين مالڪن ۽ متاثرن جا ڌرڻا

مٺي: مٺي جي روينيو ڪامورن ڏيپلو بائي پاس وٽ مهيشورين ۽ ميگهواڙن جي سروي زمين تي ويٺل ڪيترن ئي هاري خاندانن جا بناجواز گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، بي گهر ٿيل متاثر روڊن تي نڪري آيا، بائي پاس ۽ ڪشمير چوڪ تي ڌرڻا هيا ويا. ان سلسلي ۾ مٺي شھر ڀرسان ڏيپلو بائي پاس تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي اڳواڻي ۾ روينيو عملي ۽ پوليس اٽالن جيتو مهيشوري ۽ ڏيون ميگهواڙ جي سروي زمين تي ويٺل هارين جي گهرن مٿان اوچتو ڪاهه ڪري گهرن جو سامان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو، چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري اهلڪارن ۽ عملي کين گهرن مان بي دخل ڪيو ۽ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، روينيو ڪامورن جي ڪارروائي خلاف زمين مالڪن جيتو مهيشوري، ڏيون ميگهواڙ ۽ بي گهر ٿيل متاثر هارين، عورتن ۽ ٻارڙن روڊن تي نڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، جتان احتجاجي ريلي ڪڍي مٺي-اسلام ڪوٽ بائي پاس ڌرڻو هڻي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. احتجاج ۾ ميونسپل ڪميٽي جي آزاد ڪائونسلر حاڪم ڪيولاڻي، ايس ٽي پي اڳواڻ لالا مهيش سنڌي سميت وڏي انگ ۾ شھري به شامل ٿي ويا. زمين مالڪن ۽ سندن بي گهر ٿيل هارين روينيو ڪامورن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، احتجاج دوران الزام هيٺ آيل اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي حميد مغل ۽ ڊي ايس پي سڄاڻ سنگھه هڪ دفعو ٻيهر احتجاج واري هنڌ پهچي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اي سي مٺي کين گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ته ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن تي مظاهرين ۽ عملدارن ۾ چڪريون ٿي پيون. ان موقعي تي ڊي ايس پي سڄاڻ سنگهھ وچ ۾ پئجي ڳالهين ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو. ان موقعي تي سروي زمين جي مالڪن جتيش مهشوري، ڏيون ميگهواڙ ۽ ڀواني لانگهڻي سميت متاثر ٿيل هارين دانهيندي چيو ته روينيو ڪامورن اسان جي زمين ڀرسان سندن ئي ملي ڀڳت سان ڪيل قبضا هٽائڻ بدران سروي زمين تي ويٺل هارين جا گهر ڊاهي کين بي گهر ڪيو، جيڪو وڏو ظلم آھي. مٺي جو اي سي حميد مغل ۽ مختيارڪار مصطفى کوسو قبضا خورن جا ساٿاري آھن، جن زمين تي قبضا ڪرائڻ لا هارين کي بي گهر ڪيو، روينيو ڪامورن اسان کان رشوت طلب ڪئي، نه ڏيڻ تي اسانجي هارين جي گهرن کي پوليس جي مدد سان ڊاهي پٽ ڪيو، روينيو ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري متاثرن سان انصاف نه ڪيو ويو ته اڻ اعلانيل مدي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. هنن چيو ته ڪامورا غيرقانوني قبضن ۾ حصيدار آھن، جن سروي زمين تي هارين کي بي گهر ڪري لکين رپين جو نقصان ڪيو ۽ 20 کان وڌيڪ خاندانن کي هلندڙ برسات ۾ گهر ڊاهي بي گهر ڪيو. هنن گهر ڪئي ته اي سي ۽ مختيارڪار مٺي جي ڏاڍائي جي نوٽيس وٺي سندن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ٽي پي اڳواڻ لالا مهيش، ڪائونسلر حاڪم ڪيولاڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته قبضا مافيا جا روينيو عملدار ونگاري ۽ ڪمدار آھن، جيڪي قبضا خالي ڪرائڻ بدران سروي زمين تي ويٺل هارين جا گهر ڊاهي کين بي گهر ڪري رهيا آھن. اي سي ۽ مختيارڪار جي اهڙي عمل جو نوٽيس ورتو وڃي. هوڏانهن اي سي حميد مغل ۽ مختيارڪار غلام مصطفى کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سرڪاري زمين تي ويٺل هارين خلاف ڪارروائي ڪئي آھي، سروي زمين جي دعوى ڪندڙن جا هاري سروي بدران ڀرسان سرڪاري زمين تي گهر ٺاهي ويٺل هئا، ان ڪري گهر ڊاهي قبضو خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏني، ٻيهر قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ته وري ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button