ڪلوئي: ڪلوئي لڳ ڳوٺ خميسو ڪلوئي ۾ ابوبڪر ڪلوئي ۽ ربنواز ڪلوئي جا 7 ورهين جا پٽ مهراڻ ڪلوئي ۽ 6 ورهين جو ذوالفقار ڪلوئي گهر ڀرسان راند ڪري رهيا هئا ته ٻئي ٻارڙا پير سلپ ٿيڻ سبب کڏ ۾ ڪري پيا، جن کي مقامي ڳوٺاڻن ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ خانگي اسپتال آندو، جتي ذوالفقار پٽ ربنواز ڪلوئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مهراڻ ڌي ابوبڪر ڪلوئي کي بدين ريفر ڪيو ويو. واضح رهي ته ڪلوئي تعلقو هئڻ باوجود فوتي ٻارڙي جو لاش ۽ بيهوش ٻار کي وارث موٽرسائيڪل تي کڻي شهر جي اسپتالن ۾ ڊوڙندا رهيا، پر کين ايمبولينس نه ملي، هوش ۾ آيل ٻارڙي کي وارث پرائيويٽ گاڏي ۾ بدين کڻائي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close