لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ 3 ڏينهن اڳ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل روڊس کاتي جو ملازم طفيل احمد لاڙڪ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد وارثن ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي. ڌرڻي دوران نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي مبينا قتل ٿيل ملازم جي ڀاءُ سهيل احمد پنهنجي وارثن نياز، عبدالباسط، سعيد ۽ ٻين سان گڏجي ٻڌايو ته ڀاءُ طفيل احمد لاڙڪ جي 20 سالن کان هدايت سومرو ۽ نثار سومرو سان دوستي هئي، 3 ڏينهن اڳ ڀاءُ طفيل احمد لاڙڪ کي پنهنجي دڪان تي گهرائي ان کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ اسپتال ڀيڙو ڪيو، جتي ڀا فوت ٿي ويو آهي، اهڙي واقعي جو ڪيس ٿاڻي تي هدايت الله، نثار احمد ۽ فهيم احمد سومرو مٿان داخل ڪرايو آهي، جنهن بعد پوليس هڪ جوابدار فهيم سومرو کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته ٻيا جوابدار هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿيا. هنن چيو ته اسان جي نوجوان ڀاءُ کي بيگناهه تشدد ڪري قتل ڪري ظالمن ظلم ڪيو آهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي سرفرار نواز شيخ نوٽيس وٺي ملوث ٻين جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري مقتول جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوليس خاطري تي وارثن ڌرڻو ختم ڪري لاش گهر کڻائي ويا، جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close