اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جو 14 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد : تحريڪ انصاف 14 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب 9 تڪن ۾ ننڍي چونڊ بابت قانوني معاملن جو جائزو ورتو ويو. جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن بابت پي ٽي آءِ جي قانوني حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ قانوني ٽيم عدالتن ۾ داخل درخواستن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف 14 آگسٽ تي اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسو ڪندي. ان حوالي سان عمران خان جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت هر ميدان ۾ بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري حڪومت فوري طور عام چونڊن جو اعلان ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button