اسلام آبادپاڪستان

100 سال کان وڏي عمر وارن ووٽرز جي ٻيهر گهر گهر تصديق ٿيندي

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 100 سال کان وڌيڪ عمر وارن ووٽرز جي ٻيهر گهر گهر تصديق ڪئي ويندي. تفصيل مطابق اليڪشن ڪميشن 100 سال ۽ وڌيڪ عمر جي ووٽرز بابت اهم فيصلو ڪندي اعلان ڪيو آهي ته 100 سال ۽ ان کان مٿي عمر جي ووٽرز جي ٻيهر تصديق ٿيندي. اليڪشن ڪميشن پيرسن ووٽرز جي گهر گهر تصديق جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل ووٽرز جو تفصيل صوبائي ۽ ضلعي آفيسن کي ڏنو ويو. پيرسن ماڻهن جا نالا چونڊ لسٽن ۾شامل ڪرڻ کان اڳ ٻيهر تصديق ٿيندي ۽ هن تصديق 13 آگسٽ تائين جاري رهندي. اليڪشن ڪميشن مطابق عام چونڊن لاءِ نئين چونڊ لسٽن جي تياري آخري مرحلن ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button