اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي فنڊنگ ۾ سرڪار چري ٿي وئي،ڪير عمران کي نااهل ڪندو:فواد چوڌري

اسلام آباد :تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ معاملي ۾ سرڪار چري ٿي وئي آهي. ڪنهن مائي جي لعل ۾ جرئت آهي جو عمران خان کي نااهل ڪري؟ جن اڳواڻن کي ايف آ اي طلب ڪيو آهي اهي 2011-12 ۾ عوامي عهدن تي رهيا ئي ناهن. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري پرڏيهي فنڊنگ جي حوالي سان چيو ته 13 اڪائونٽن ۾ 2 ڪروڙ رپيا ٽرانسفر ٿيا آهن. پارٽي عهديدارن کي آفيس آپريشنز جي مد ۾ اها رقم جاري ڪئي وئي هئي. ايف آءِ اي ڪهڙي حيثيت سان پارٽي اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري رهي آهي؟ هن چيو ته ڇا توهان پاڪستان ۾ ون پارٽي سسٽم ٺاهڻ چاهيو ٿا. اسان آخري مرحلي جي تياري ڪري ورتي آهي، 13 آگسٽ تي تاريخي جلسو ٿيندو، اسان انهن کي چونڊن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين. فواد چوڌري چيو ته پ پ جا اڪائونٽس آڊيٽر موجود ئي ناهن، پ پ نه پر پ پ پارليامينٽيرين چونڊ وڙهي. پ پ ليڊر بدران جنرل سيڪريٽري سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو، پ پ اليڪشن تي 232 ملين جا خرچ ظاهر ڪيا. آمريڪا مان ايندڙ پئسو سڌي ريت زرداري جي اڪائونٽ ۾ آيو، پ پ جيڪا ايل ايل سي ٺاهي، ان جو ڪو ثبوت پاڪستان ۾ ناهي. ن ليگ جي فنڊن جا ذريعا خبر ئي ناهي ڪٿان آيا. سندس موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو هو ته اليڪشن ڪميشن سڀني جماعتن جي فنڊنگ جو فيصلو ڪندي. اليڪشن ڪميشن رڳو پي ٽي آءِ جو فيصلو ڏنو، قانون موجب هر سياسي جماعت جي آڊٽ ٿيڻي آهي. هڪ پارٽي ٻي پارٽي کي فنڊ نٿي ڪري سگهي. وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن ن ليگ ۽ پ پ کي ڇو بچائي رهي آهي؟ لڳي ٿو اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ساک جي پرواهه ناهي. اليڪشن ڪميشن جي اڳ ئي عزت ناهي. فواد چوڌري چيو ته ڪجهه ماڻهو شهيدن تي سياست ڪري رهيا آهن، ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ تي ڪارروائي ڪئي وڃي. ماڊل ٽائون معاملي تي پنجاب حڪومت تيزي سان اڳتي وڌندي، وڏو وزير ڪيس ۾ ڪارروائي جي هدايت ڪري چڪو آهي. ن ليگ اڳواڻن تي ڪيس آهن، اميد ته پوليس سامهون پيش ٿيندا، راڻا ثناءُ الله، عطا تارڙ ۽ ملڪ احمد خان جاچ ۾ سهڪار ڪندا. هن چيو ته شهيدن تي سياست نه ڪئي وڃي، سياسي فيصلن جي ڪري ڪجهه معاملا ٿيا آهن پر بهرحال اهي ٺيڪ ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button