اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

يوٽيلٽي تي مختلف دالين جي قيمتن ۾ 48 رپيا في ڪلو تائين واڌ

اسلام آباد: يوٽيلٽي اسٽورن تي دالين جو سرڪاري اگهه وڌايو ويو آهي. دالين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب مختلف دالين جي قيمتن ۾ 48 رپيا في ڪلو تائين واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪارن چڻن جي في ڪلو قيمت ۾ 48 رپيا، ثابت مهري جي دال في ڪلو 35 رپيا، مهري دال في ڪلو 40 رپيا، مڱن جي دال ۽ چڻن جي دال في ڪلو 30-30 رپيا مهانگي ڪئي وئي آهي. واڌ کانپوءِ ڪارن چڻن جي في ڪلو قيمت 220 رپيا، مهري جي دال جي قيمت 310 رپيا في ڪلو، ثابت مهري جي دال جي قيمت 310 رپيا، مڱن جي دال جي قيمت 200 رپيا ۽ چڻن جي دال جي قيمت 220 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ چانهه جي پتي، برانڊيد کير ۽ ماکيءَ جي قيمت ۾ به واڌ ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button