اسلام آبادپاڪستان

اسلامي ٽچ ڏيندڙ فنڪارن کي هاڻ قانوني ٽچ جي ضرورت آهي:گهرو وزير

اسلام آباد : گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اسلامي ٽچ ڏيندڙ فنڪارن کي هاڻي قانوني ٽچ جي ضرورت آهي، ڇو ته فارن فنڊنگ جو ڏوهي 8 سالن کان قانون جي ٽچ کان بچي رهيو آهي. شيخ رشيد جي بيان تي رد عمل ڏيندي راڻا ثناءُالله چيو ته عالمي بنارسي ٺڳ پرڏيهين کان غيرقانوني ڊالر وٺندي پڪڙيا ويا آهن. هرهڪ چوري پڪڙجڻ تي، ڪوڙو عمران اينڊ فارن ايجنٽس ڪمپني، فنڪاري ڪرڻ لڳن ٿا. هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس سان پتو پيو ته عمران نيازي ڪيڏو نه گندو ڪردار آهي. شهيدن جي خلاف نفرت جوڳي مهم هلائيندڙ ڪنا ۽ گهٽيا ڪردار آهن. گهرو وزير چيو ته عمران نيازي 8 سال پوري ڪوشش ڪئي ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو نه اچي پر الله تعاليٰ اڪبر ايس بابر کي سچو ثابت ڪري ڇڏيو. الله تعاليٰ جو پاڪستان تي ڪرم ٿيو ۽ جعلي صادق ۽ امين جو نقاب عوام جي سامهون لهي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button