اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 644 ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 644 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته وبا سبب هڪ به فوتگي ناهي ٿي. تفصيل مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا ڪيسن جي شرح 2 ڏهائي 91 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 644 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. ڪرونا وائرس جي علاج هيٺ مريضن مان 170 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 505 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. جڏهن ته ڪل مريضن جو انگ 15 لک 59 هزار 201 ٿي چڪو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 22 هزار 126 ٽيسٽون ڪيون ويون. جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 97 لک 13 هزار 192 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button