اسلام آبادپاڪستان

يزيدي حڪومت خلاف ايندڙ پلان جو اعلان 13 آگسٽ تي ڪندس:عمران

اسلام آباد :تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته يزيدي حڪومت جي فاشزم کي منهن ڏيڻ لاءِ ايندڙ پلان جو اعلان 13 آگسٽ تي ڪندس. هر دور جو پنهنجو يزيد هوندو آهي. پاڪستان اڄ يزيديت جي گهيري ۾ آهي.ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن لکيو آهي ته اهو ڄاڻندي به ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو اولاد صحيح راهه تي آهي، ڪوفي جا ماڻهو يزيد جي خوف کان حضرت امام حسين عليه السلام جي مدد لاءِ نه نڪتا ۽ پوءِ اسلامي تاريخ جو سڀ کان وڏو سانحو ٿي ويو. عمران خان لکيو ته هر دور جو پنهنجو يزيد هوندو آهي، جيڪو اصل ۾ حڪمرانن جو گروهه آهي، اڄ جي يزيد کي آمريڪي سازش ذريعي حڪومت ۾ آندو ويو، اڄ پاڪستان يزيديت جي گهيري ۾ آهي. هن چيو ته اقتدار ۾ موجود ڏوهارين ۽ انهن جي سرپرستن جي صورت ۾ پاڪستان اڄ يزيديت جي گهيري ۾ آهي. هن چيو ته ڇا اسان جا ماڻهو به خوف ۾ مبتلا ٿي ان سازش سامهون ڪنڌ جهڪائيندا يا قوم جي حيثيت سان هڪ ٿي سخت امتحان کي منهن ڏيندا؟ سندس چوڻ هو ته آزادي واري جلسي ۾ ان فسطائيت کي منهن ڏيڻ جي منصوبي جو اعلان ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button