اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

12-12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ،شارٽ فال 6 هزار ميگا واٽ ٿي ويو

اسلام آباد :سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 439 ميگا واٽ تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب شهرن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙين ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ايڪسپريس نيوز موجب ملڪ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن باوجود بجلي جي گهربل پيداوار حاصل نه ٿي سگهي. ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 500 ميگا واٽ جي ويجهو پهچي ويو. ملڪ ۾ بجلي جي ڪل پيداوار 18 هزار 461 ميگاواٽ آهي. جڏهن ته بجلي جي ڪل طلب 24 هزار 900 ميگاواٽ آهي. ذريعن موجب پاور ڊويزن موجب نجي شعبي جي اڪثر پاور پلانٽس مان 7500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب پاور ڊويزن موجب پاڻي مان 6 هزار 700 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح ائٽمي فيول مان 2 هزار 425 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. سرڪاري ٿرمل پلانٽس مان 830 ميگا واٽ، ونڊ پاور پلانٽس مان 786 ميگا واٽ، سولر پلانٽس مان 145 ميگا واٽ ۽ ائٽمي فيول مان 2425 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. شارٽ فال ۾ واڌ سبب سڄي ملڪ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شهري علائقن ۾ 8 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙين ۾ 12 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button