عالمي

غزا تي ٻئي ڏينهن به اسرائيلي بمباري، شهيدن جو انگ 24 ٿي ويو

غزا: غزا تي ڪالهه ٻئي ڏينهن به اسرائيل طرفان بمباري ڪئي وئي ۽ شهيد فلسطينين جو انگ 24 ٿي ويو آهي. اسرائيلي فورسز غزا پٽي ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا. اسرائيلي فوج ٻن ڏينهن دوران 6 ٻار سميت 24 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. اسرائيلي فوج اسلامي جهاد جي سينيئر قيادت کي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي غزا تي هڪ هفتي تائين فضائي حملا جاري رکڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. سعودي عرب غزا تي قابض اسرائيلي فوج جي حملن جي سخت مذمت ڪندي عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پاڪستان به اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطينين خلاف طاقت جي استعمال کي روڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button