پاڪستان

شهيدن جو مذاق اڏائيندڙن جو شدت سان احتساب ضروري آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شهيدن جو مذاق اڏائيندڙن جو شدت سان احتساب ضروري آهي، هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ شهيدن خلاف سوشل ميڊيا تي خطرناڪ مهم هلائي وئي. وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن واري سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته شهيدن جي قربانين جو مذاق اڏائڻ جو عمل افسوس ۽ مذمت جوڳو آهي، اهڙن ماڻهن جو احتساب تمام ضروري آهي. هن چيو ته اسان جي شهيدن جو مذاق اڏائڻ ۽ انهن کي گهٽ وڌ چوڻ جي سوشل ميڊيا مهم رڳو شرم جوڳي ئي نه پر خوفناڪ به آهي، تڪبر واري ۽ منافقاڻي سياسي نظريي جو اهو ئي نتيجو آهي ته هو ڪچن ذهنن ۾ زهر ڀري بدتهذيبي کي هٿي ڏيندو آهي. وزيراعظم سوال ڪيو ته آخر اسان جو معاشري ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي، اسان کي شدت سان پنهنجي احتساب جي ضرورت آهي. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو هو ته هيليڪاپٽر حادثي تي سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن جي مالي سرپرستي ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button