پاڪستان

انا جي جبل تي ويٺل جو قوم گهيرو ڪري: نواز شريف

لنڊن: ن ليگ قائد نواز شريف ڊالر جو قدر گهٽجڻ بابت صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. لنڊن ۾ حمزا شهباز سان ملاقات کانپوءِ روانگي وقت صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته حمزا شهباز سان ملاقات سٺي رهي. ان موقعي تي صحافين نواز شريف کي ڊالر جو اگهه گھٽجڻ تي مبارڪ ڏني، جنهن تي ن ليگ قائد چيو ته الله جي برڪت کپي اسان ته گناهه گار آهيون، انشاءَالله ملڪ جون حالتون بهتر ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته انا جي جبل تي ويهي سڀني کي چور چوندڙ ڊڪليئرڊ صادق ۽ امين جو قوم گهيرو ڪري، حڪومت ۽ اتحادي جماعتن فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تي پهچائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button