اسلام آبادبلوچستانپاڪستان

بلوچستان سانحي خلاف پروپئگنڊا ڪندڙن خلاف جاچ شروع،جي ٽي آ قائم

اسلام آباد : وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) بلوچستان ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۽ شهيدن خلاف سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگنڊا ڪندڙ عنصرن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر جي حادثي ۽ شهيد اهلڪارن خلاف ناڪاري پروپئگنڊا ڪندڙ عنصرن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جي ايڊيشنل ڊي جي جي سربراهي ۾ 4 آفيسرن تي ٻڌل جي آءِ ٽي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ايف آءِ اي موجب ايڊيشنل ڊي جي سائبر ڪرائم ونگ محمد جعفر جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جاچ ڪندي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر آپريشن سائبر ڪرائم ونگ نارٿ وقار الدين سيد، ايڊيشنل ڊائريڪٽر اياز ۽ عمران حيدر به جاچ ٽيم جو حصو هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button