ڇاڇرو: ڇاڇرو شهر ۾ حيسڪو عملدارن جي زياتين خلاف شهري ۽ واپاري شٽربند هڙتال ڪري روڊن تي نڪري آيا، ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. رپورٽ موجب ڇاڇرو شهر ۾ حيسڪو عملدارن جي ظلم خلاف واپارين ۽ سوين رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي واپاري بلال بجير، رميش لکاڻي، پريم مکي، گوتم راٺي، محراب بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مين چوڪ تي مظاهرو ڪري 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن دوران حيسڪو عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج دوران واپارين ۽ شهرين شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي. شهرين ۽ واپارين دانهيندي چيو ته ڇاڇرو ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سڄي شهر جو ڪاروبار تباهھ ڪري ڇڏيو آهي، 24 ڪلاڪن ۾ 18 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، ان باوجود ڳرا بل هر مهيني ڏنا وڃن ٿا. شهرين چيو ته حيسڪو عملدارن 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي 20 ڏينهين کان مڪمل طور بند ڪئي آهي، جيڪو ظلم آهي، ماڻهو هاڻ پيئڻ جي پاڻي لا به پريشان آهن، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. هنن وفاقي حڪومت ۽ حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شهر ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرائڻ سان گڏ ڳرن بلن جي عذاب کان بچايو وڃي. ڇاڇرو جي مين بجلي جي سپلائي مٺي کان ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close