اسلام آبادپاڪستان

فارن فنڊنگ جو فيصلو اچي چڪو،هاڻ قانون مطابق عمل ٿيندو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 تحت فارن ايڊڊ پارٽي ڊڪليئر ٿي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب عمران صاحب 5 سال ڪوڙو ايفيڊيوٽ جمع ڪرايو آهي. پنهنجي بيان۾ مريم اورنگزيب چيو ته 8 سالن ۾ 11 ڀيرا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويو آهي ۽ 9 وڪيل تبديل ٿي چڪا آهن. هن چيو ته فارن ايجنٽ ۽ فارن ايڊڊ پارٽي جي قانون جاسمورا دروازا بند ٿين ٿا. هن چيو ته 8 سالن ۾ پي ٽي آئي 9 وڪيل تبديل ڪيا 50 ڀيرا ٻڌڻي کي ملتوي ڪرايو. 11 پٽيشنز هاءِ ڪورٽ ۾ڪيون. هن چيو ته اڄ 100 ڳالهيون ڪري رهيا آهن، 8 سالن ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ڪرڻي هئي نه، رانا ثناءُالله جو خوف عمران خان کي هو انهيءَ ڪري 20 ڪلو هيروئن جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو. هن چيو ته راڻا ثناءُالله جي ڊپ کان 25 مئي تي عمران صاحب خيبر پختونخوا ڀڄي ويو هو. هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچي چڪو آهي، هاڻي قانون مطابق عمل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 8 سالن ۾ هڪ رپيو ۽ هڪ اڪائونٽ جو حساب ناهي ڏنو، هاڻي ڪنهن جواب جي ضرورت نه آهي. هاڻي فارن ايجنٽ عمران خان ۽ فارن ايڊڊ پارٽي جو فراڊ ۽ تماشو ختم.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button