غير درجه بندي

نوجوان نسل عمران خان جي ڳالهين ۾ نه اچي:شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ ورڪرز ۽ خاص طور تي نوجوان نسل کي اپيل ڪئي آهي ته هو عمران خان جي ڳالهين ۾ نه اچي. عمران خان جي ايجنڊا ملڪ ۾ صرف ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي. هي شخص پنهنجي ورڪرن کي ورغلائڻ ۾ مصروف آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هيليڪاپٽر سانحي تي نه صرف شهيدن جا وارث ئي نه پر پوري قوم ڏکويل آهي. سانحي کانپوءِ عمران خان جي جماعت جهڙي ريت سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي مهم هلائي، ان تي شهيدن جي وارثن ۽ پوري قوم جي دل آزاري ٿي آهي. قوم ۾ عمران خان لاءِ نفرت وڌي وئي آهي. صوبائي وزير، عمران خان کي وارننگ ڏيندي چيو ته شهيدن جي معاملي تي عمران خان پنهنجي حرڪتن کان پاسو ڪري نه ته پاڪستان جي غيرتمند عوام جا هٿ عمران خان جي ڳچي ۾ هوندا ۽ عوام کيس بني گالا مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو. هن چيو ته عمران خان نوجوان نسل ۽ پنهنجي ورڪرن کي ڀڙڪائي کين غلط راهه تي وٺي وڃي رهيو آهي، جنهن جا نتيجا ملڪ جي لاءِ ڀيانڪ ثابت ٿي رهيا آهن. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي غلط طريقي جي سياست جي ڪري سعودي عرب ۾ ترسيل پاڪستانين کي سزائون لڳيون ۽ کين جيل اماڻيو ويو. اهي پاڪستاني پنهنجي خاندانن جا ڪفيل هئا، ان واقعي جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر صرف عمران خان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button