خانپورمهر ۾ آ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ توڙي تعلقي خانڳڙهه جون سيٽون ظاهر نه ڪرڻ خلاف پي ايس ٽي اميدوارن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ساجد حسين مھر، ارشد علي دايو، ارشاد علي مهر، رحمت الله سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اس ۾ مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ آ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن پر گهوٽڪي جي ڊي اي او ايجوڪيشن وزيراعلى سنڌ جي حڪم کانپو به 40 کان 54 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کان ڪاغذ وٺي آفر آرڊر ورهائڻ جو سلسلو شروع ناهي ڪيو. هنن چيو ته تعلقي خانڳڙهه جي اميدوارن سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڊي اي او گهوٽڪي ۽ ٻيا آفيسر تعلقي خانڳڙهه جون سيٽون لڪائي رهيا آهن. تعلقي خانڳڙهه ۾ فيز ٽو لاءِ خالي جايون 100 کان وڌيڪ آهن پر هن مهل تائين تعلقي خانڳڙهه جي ويٽنگ لسٽ پڌري ناهي ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close