سنڌ

خيرپور ۾ يا حسين جون صدائون،زري مبارڪ جو تاريخي ماتمي جلوس

خيرپور ۾ 08 محرم الحرام جو تاريخي ۽ قديمي شهادت قافلا سالار حسيني حضرت غازي عباس علمدار عليه السلام جي حوالي سان علم، ذوالجناح ۽ زري مبارڪ جو ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري کان روايتي انداز ۾ نغارا وڄائي جنگ جو منظر پيش ڪرڻ بعد برآمد ٿيو، جيڪو مختلف روٽن ڪچهري روڊ، نيشنل بينڪ، سوڪ سينٽر کان ٿيندو ڇٽي چوڪ تي پهتو، جتي شهر جي مختلف پاڙن مان نڪتل ماتمي جلوس امام بارگاهه وڏو علم، قصر زينب ثاني زهرا، قصرحسيني، فيض حسيني، لقمان، ڀرڳڙي کان علاوه آس پاس جي علائقن مان 250 کان وڌيڪ ننڍا وڏا پڙ پنهنجن دستوري روٽن تان ٿيندا علم پاڪ، تعزين، هندورن، ذوالجناح ۽ حضرت غازي عباس علمدار جي زري سان گڏ ڇٽي چوڪ وٽ مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿيا، ماتمي جلوس ۾ ٻين ملڪن جي عزادارن سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان هزارين عزادارن شرڪت ڪئي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button